ڇو، ڇا ۽ ڪيئن

ڇو، ڇا ۽ ڪيئن

ڇو ڇا ۽ ڪيئن

ڇو، ڇا ۽ ڪيئن (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ٻارهن جڳ مشهور ليکڪن ۽ شاعرن جي انٽرويوئن تي مشتمل آهي، جنهن کي نامور سنڌي اديب عبدالقادر جوڻيجي ترجمو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ پئبلو نرودا، قرة العين حيدر، ميلان ڪنڊيرا، شيخ اياز، بليئس سيندرارس، فيض احمد فيض، مايا ائنجليو، وليم بورو، وليم فاڪنر، جان اسٽيئن بيڪ، گارشيا مارڪئز ۽ البرٽو موراويا جا انٽرويو تعارف سان گڏ شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ مترجم پاڻ لکيو آهي. پڪي جلد سان، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪُل 272 صفحا آهن. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1999ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊياري شايع ڪيو، جنهن جي قيمت 155 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو